افغانستان ۾ اتحادي فوج هٿان ست طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا، هڪ اتحادي فوجي زخمي

وڪي اخبار کان

24 نومبر 2006

افغانستان ۾ موجود آمريڪي فوج مطابق جمعي ڏينهن اتحادي فوج هٿان ست طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا آهن.

ڪنڌار جي ڏکڻ ۾ ويڙه دوران هڪ اتحادي فوجي جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن. چيو ويو آهي ته ڪنهن به شهري کي نقصان نه پهتو آهي.

ٻئي طرف اهي اطلاع به آهن ته خميس ڏهاڙي ويڙهاڪن طرفان نيٽو فوجن جي گاڏي تي راڪيٽ فائر ڪرڻ جي نتيجي ۾ هڪ فوجي مارجي ويو هو.

ذريعن مطابق هن سال 3700 ماڻهو مارجي چڪا آهن جن مان ستر سيڪڙو ويڙهاڪ ٻڌايا ويا آهن.

ذريعا