افغانستان ۾ اتحادي فوج پاران 48 ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا

وڪي اخبار کان

26 آڪٽوبر 2006

اتحادي فوج جي ذريعن مطابق ٽن مختلف حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 48 ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. ذريعن مطابق مارجي ويل طالبان ويڙهاڪ هئا انهن سان گڏ ڪجهه شهري پڻ مارجڻ يا زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

ذريعن مطابق اتحادي فوج جو وڏو حملو ڏاکڻي حصي ۾ ڪيو ويو. چيو ويو آهي ته گذريل ڪجهه هفتن دوران طالبان ويڙهاڪن جا سو کان مٿي ماڻهو مارجي ويا آهن.

چيو ويو آهي ته نيٽو جي انهن تازن حملن جي نتيجي ۾ ڪيترائي عام شهري پڻ مارجي ويا آهن.

ذريعا