افغانستان ۾ تازين جهڙپن دوران 34 طالبان سميت ٽي پوليس اهلڪار مارجي ويا

وڪي اخبار کان

9 نومبر 2006

افغانستان ۾ ٿيل تازين جهڙپن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 34 طالبان مارڻ جي دعوا ڪئي ويئي آهي جڏهن ته ٽن پوليس اهلڪارن جي مرڻ جا اطلاع پڻ آهن.

ذريعن موجب 22 طالبان اتحادي فوج ۽ افغان فوج جي گڏيل ڪاروائي ۾ مارجي ويا، اها ويڙهه افغانستان جي ضلعي زهري ۾ ٿي.

چيو ويو آهي ته اٺ طالبان، اٺ پوليس اهلڪار ۽ ٽي شهري پڻ ويڙهه جي نتيجي ۾ زخمي ٿيا آهن. اهڙي طرح مختلف هنڌن تي ٿيل ڪاروائين ۾ 34 طالبان جي مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن.

ذريعا