افغانستان ۾ خودڪش بم حملو، هڪ برطانوي فوجي سميت ٻه ٻار مارجي ويا

وڪي اخبار کان

افغانستان ۾ ٻن خودڪش بم حملن ۾ هڪ برطانوي فوجي، هڪ افغان پوليس ۽ ٻه ٻارڙا مارجي ويا آهن.

انهن مان هڪ حملو افغانستان جي ڏاکڻي شهر لشڪرگاهه ۾ ٿيو، جڏهن ته ٻيو خودڪش بم حملو خوست ۾ ٿيو.

افغان صدر حامد ڪارزئي نيٽو فوجن کي چيو آهي ته ڪاروائي ڪرڻ وقت انتهائي خبرداري کان ڪم ورتو وڃي ۽ ڪنهن به شهري کي ڪوبه نقصان نه پهچايو وڃي.

ذريعا