افغانستان ۾ موجود پنج ملڪن جي نيٽو فوج جا ڪمانڊر پاڪستان طرفان طالبان جي سپورٽ تي ناراض

وڪي اخبار کان

آمريڪا، برطانيه، ڪينيڊا، ڊينمارڪ ۽ نيڌرلينڊ جي افغانستان ۾ موجود فوجي ڪمانڊرن پنهنجن ملڪن کان گهر ڪئي آهي ته پاڪستان کي طالبان جي سپورٽ ڪرڻ کان روڪيو وڃي.

انهن پاڪستان کان پڻ گهر ڪئي آهي ته اهي طالبان جي سپورٽ بند ڪن جيڪي پاڪستان مان سرحد پار ڪري افغانستان ۾ ڪاروايون ڪرڻ اچن ٿا.

ذريعن موجب هڪ ڪمانڊر جو چوڻ هو ته پاڪستان کي چيو وڃي ته هو اسان سان آهي يا انهن سان آهي. هن جو چوڻ هو ته 4 ۽ 17 سيپٽمبر جي واقعن مان ثابت آهي ته پاڪستان جي ايجنسي آءِ ايس آءِ طالبان کي اتساهي رهي آهي.

ذريعا