افغانستان ۾ نيٽو فوج ۽ طالبان ۾ ڇتي ويڙهه، 80 طالبان مارڻ جي دعوا

وڪي اخبار کان

4 ڊسمبر 2006

موسا قلعا ۾ سيز فائر کان هڪ مهينو پوءِ نيٽو فوج ۽ طالبان وچ ۾ ڇتي ويڙهه سبب 80 طالبان مارڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي.

مقامي سرڪاري ذريعن مطابق طالبان نيٽو جي هڪ ڪانوائي تي حملو ڪري ڏنو جنهنڪري امن معاهدي جي ڀڃڪڙي پڻ ٿي وئي. ان موقعي تي نيٽو هوائي مدد پڻ گهري ورتي ۽ جتي طالبان پوزيشنون سنڀاليو ويٺا هئا اتي بمباري ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 70 کان وڌيڪ طالبان مارجي ويا.

ذريعن مطابق نيٽو جي ڪنهن به فوجي کي ڪوبه نقصان نه پهتو آهي. ياد رهي ته ان علائقي ۾ هڪ معاهدي تحت نيٽو فوجون واپس هليون ويون هيون.

ذريعا