افغانستان ۾ هڪ بم حملي جي نتيجي ۾ نيٽو جا ٻه فوجي مارجي ويا، واقعو لوگر صوبي ۾ پيش آيو

وڪي اخبار کان

29 نومبر 2006

افغانستان ۾ هڪ بم حملي جي نتيجي ۾ ٻه نيٽو فوجي مارجي ويا آهن اهو واقعو ڪابل کان 60 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف لوگر صوبي ۾ ٿيو. اها ڄاڻ نه پئجي سگهي آهي ته مارجي ويلن جو تعلق ڪهڙي ملڪ سان هو.

ذريعن موجب طالبان پنهنجي ڀرپور طاقت جو مظاهرو ڪري رهيا آهن گذريل هڪ هفتي دوران نيٽو جا ڇهه فوجي ماريا ويا آهن. سومر ڏهاڙي پڻ ٻن ڪينڊين فوجين کي ماريو ويو هو.

ذريعن مطابق ڪجهه ملڪن صلاح ڏني آهي ته افغانستان ۾ نيٽو فوج جو تعداد وڌايو وڃي. ٻئي طرف اهو به چيو ويو آهي ته افغانستان ۾ ترقي جي عمل کي تيز ڪري نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

ذريعا