افغانستان ۾ هڪ خودڪش بم حملي ۾ ٻه آمريڪي ۽ چار افغاني مارجي ويا

وڪي اخبار کان

6 ڊسمبر 2006

ڏاکڻي افغانستان ۾ هڪ خودڪش بم حملي ۾ ٻه آمريڪي ۽ چار افغاني مارجي ويا آهن جڏهن ته ٽي ٻيا همراه پڻ زخمي ٿي پيا.

افغاني سرڪاري ذريعن مطابق هڪ خودڪش حمله آور اوچتو ظاهر ٿي ڌماڪو ڪري ڇڏيو جنهن سبب ٻه آمريڪي ۽ چار افغاني سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا.

چيو ويو آهي ته ڪنڌار ۾ گذريل نون ڏهاڙن دوران اهو ڇهون حملو آهي، تقريبن چار هزار ماڻهو هن سال ۾ مارجي ويا آهن.

ذريعا