افغانستان ۾ هڪ خودڪش حملي ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 28 ماڻهو زخمي

وڪي اخبار کان

14 ڊسمبر 2006

افغانستان جي صوبي زابل ۾ هڪ خوڪش حملي سبب گهٽ ۾ گهٽ 5 ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ 28 زخمي ٿي پيا آهن.

ذريعن مطابق اهو حملو زابل صوبي جي شهر قلات ۾ پوليس تي ڪيو ويو. چيو ويو آهي ته ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ چار شهري پڻ شامل آهن.

ٻئي طرف اهي به اطلاع آهن ته افغانستان جي صوبي فرح ۾ پوليس ۽ فوج جي گڏيل ڪاروائي دوران 8 طالبان مارجي ويا آهن.

ذريعا