افغانستان ۾ هڪ خودڪش حملي ۾ 8 افغاني مارجي ويا، حملو هلمند صوبي ۾ ٿيو

وڪي اخبار کان

12 ڊسمبر 2006

افغانستان جي صوبي هلمند ۾ هڪ خودڪش حملي جي نتيجي ۾ 8 افغاني مارجي ويا آهن، مارجي ويلن ۾ ٻه شهري پڻ شامل هئا.

ذريعن مطابق حملي ۾ ڇهه پوليس اهلڪار ۽ ٻه شهري بم جو نشانو بڻيا جڏهن ته اٺ ڄڻا زخمي پڻ ٿي پيا.

ٻئي طرف طالبان دعوا ڪئي آهي ته اهو حملو انهن ڪيو آهي. ان کان اڳ افغانستان جي اڀرندي علائقي ۾ چار ويڙهاڪ ۽ هڪ ڇوڪري اتحادي فوجن ۽ افغان فوجين جي گڏيل حملي ۾ مارجي ويا هئا.

ذريعا