افغانستان ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ 52 ٿي ويو، هزارين بي گهر ۽ ڪيترائي لاپته

وڪي اخبار کان

18 نومبر 2006

افغانستان ۾ ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي 52 ٿي ويو آهي جڏهن ته هزارين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو لاپته پڻ ٿيا آهن.

سرڪاري ذريعن موجب اتر اولهه افغانستان ۾ ٻوڏ وگهي فوتين جو تعداد هفتي اندر 52 ٿي ويو آهي. ماڻهن کي کاڌ خوراڪ ۽ ضرورتن جون ٻيون شيون پهچايون پيون وڃن. هزارين ماڻهن جي بي گهر ٿيڻ جا پڻ اطلاع آهن.

سياري جي مند واري شروعاتي برسات سبب آيل ان ٻوڏ جي نتيجي ۾ مختلف علائقن ۾ سوين گهرن کي نقصان پهتو آهي.

ذريعا