افغانستان ۾ ٽي طالبان ويڙهاڪ مارڻ جي دعوا، هڪ گرفتار

وڪي اخبار کان

1 نومبر 2006

اتحادي فوج دعوا ڪئي آهي ته اوڀر افغانستان ۾ خوسط صوبي جي شهر ٽرنلي ۾ ٽن طالبان ويڙهاڪن کي ماريو ويو آهي جڏهن ته هڪ ڄڻي کي گرفتار پڻ ڪيو ويو آهي.

خبر موجب اتحادي فوجن انهن ماڻهن کي هٿيار ڦٽي ڪرڻ جو چيو ته انهن حملو ڪري ڏنو نتيجي ۾ ٽي ويڙهاڪ مارجي ويا آهن.

واقعي ۾ ڪوبه افغان يا اتحادي فوجي زخمي نه ٿيو آهي ۽ اتي موجود ٻارڙن توڙي عورتن کي پڻ ڪوبه نقصان نه پهتو آهي.

ذريعا