افغانستان ۾ ٽي نيٽو فوجي طلبان حملي ۾ مارجي ويا

وڪي اخبار کان

31 آڪٽوبر 2006

افغانستان ۾ ٽي نيٽو فوجي هڪ حملي ۾ مارجي وڃڻ جا اطلاع آهن. چيو ويو آهي ته روڊ جي پاسي ۾ هڪ بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ ٽي نيٽو فوجي مارجي ويا جيڪ اوڀر افغانستان ۾ گشت تي هئا.

خبرن مطابق حملي جي ذميواري طالبان قبول ڪري ورتي آهي. ٻئي طرف هڪ پوليس واري جي مرڻ جا پڻ اطلاع آهن.

مارجي ويل انهن نيٽو فوجين جي باري ۾ اهو نه ٻڌايو ويو آهي ته انهن جو تعلق ڪهڙن ملڪن سان هو. چيو ويو آهي ته هن سال مارجي ويل پرڏيهي فوجن جو تعداد 115 ٿي ويو آهي جڏهن تي اڳئين سال اهو تعداد تقريبن 75 هو.

ذريعا