افغانستان ۾ پاڪستاني بارڊر ڀرسان 18 طالبان نيٽو فوج هٿان مارجي ويا

وڪي اخبار کان

10 نومبر 2006

افغانستان جي ڏاکڻي علائقي ۽ پاڪستاني بارڊر ڀرسان هڪ فوجي آپريشن دوران 18 طالبان ويڙهاڪ مارجي ويا آهن. ڪاروائي ۾ ٽي نيٽو فوجي ۽ ٽي افغان فوجي پڻ زخمي ٿي پيا.

ذريعن مطابق ان ڪاروائي ۾ نيٽو ايئرڪرافٽ پڻ حصو ورتو. اها ويڙه افغانستان جي ضلعي بارمل ۾ ٿي. ڪاروائي ۾ افغان فوج ۽ نيٽو فوج گڏيل طور حصو ورتو.

ذريعا