افغانستان ۾ گورنر جي آفيس ڀرسان بم ڌماڪو 18 ماڻهو مارجي ويا ڪيترائي زخمي

وڪي اخبار کان

افغانستان ۾ گورنر جي آفيس ڀرسان هڪ بم ڌماڪي ۾ 18 ماڻهو مارجي ويا. اهو ڌماڪو صوبي هلمند ۾ ٿيو. چيو ويو آهي ته ڌماڪو هڪ خودڪش بم حمله آور ڪيو جڏهن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

ٻئي طرف ڪابل ۾ پڻ هڪ بم ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ هڪ نيٽو فوجي مارجي ويو. فوجي جي باري ۾ چيو ويو آهي ته ان جو تعلق اٽلي سان هو.

سرڪاري ذريعن مطابق هلمند واري بم ڌماڪي ۾ ٽي پوليس وارا پڻ مارجي ويا. ذريعن مطابق ان ڌماڪي ۾ ٻارنهن عام شهري ۽ ٽي فوجي پڻ مارجي ويا. جڏهن ته سترنهن ماڻهن جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

ذريعا