افغان صدر حامد ڪارزئي پاران پاڪستان جي ڪيل فيصلي تي تنقيد، بارودي سرنگن وڇائڻ جي مخالفت

وڪي اخبار کان

27 ڊسمبر 2006

افغانستان جي صدر حامد ڪارزئي پاڪستان جي پاران ڪيل فيصلي جي مخالفت ڪئي آهي جنهن ۾ چيو ويو هو ته پاڪستان افغانستان سان ملندڙ سرحد تي لوهي جهنگلا ۽ بارودي سرنگون وڇائيندو.

افغان صدر حامد ڪارزئي چيو آهي ته لوڙها لڳائڻ سان دهشتگردي جي خاتمي ۾ ڪابه مدد ڪانه ملندي بلڪه قبائلي خاندان ورهائجي ويندا.

هن وڌيڪ چيو ته ان کان بهتر قدم اهو آهي ته جن مدرسن مان دهشتگردي کي هٿي ملي رهي آهي انهن مدرسن خلاف ڪاروائي ڪري انهن کي ختم ڪيو وڃي.

ذريعا