افغان پارليامينٽ قصوري جي طالبان کي حڪومت ۾ شامل ڪرڻ واري بيان جي مذمت ڪري ڇڏي

وڪي اخبار کان

2 ڊسمبر 2006

افغان پارليامينٽ پنهنجي تازي اجلاس ۾ پاڪستاني پرڏيهي وزير خورشيد محمود قصوري جي ان صلاح جي مذمت ڪئي آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته طالبان کي افغان حڪومت جو حصو بڻايو وڃي.

ذريعن موجب افغان پارليامينٽ جو اجلاس اسپيڪر محمد يوسف قانوني جي صدارت ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ قصوري جي اهڙي صلاح جي مذمت ڪئي وئي. ٻئي طرف پاڪستان قصوري جي حوالي سان ڇپيل اهڙي بيان کي رد ڪندي ترديد ڪئي هئي ته اهڙي صلاح نه ڏني وئي آهي.

افغان اسيمبلي قصوري جي بيان جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان افغانستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي.

ذريعا