اقوام متحده جا ٻه اهلڪار پاڪستان جي اترئين علائقي مان اغوا ٿي ويا

وڪي اخبار کان

29 نومبر 2006

اقوام متحده جي پناهگيرن لاءِ جوڙيل هاءِ ڪميشن جا ٻه اهلڪار پاڪستان جي اترئين علائقي مان اغوا ٿي ويا آهن.

ذريعن مطابق اقوام متحده جا مذڪوره اهلڪار رات جو هڪ افغان پناهگير ڪيمپ مان واپس پنهنجي گهر وڃي رهيا هئا ته کين اغوا ڪيو ويو.

ٻنهي اهلڪارن کي نامعلوم جوابدارن ڳوٺ مٽاني وٽان هڪ گاڏي ۾ ويهاري کڻي ويا. ڪافي دير بعد انهن اهلڪارن جي واسطيدارن کي اطلاع ڏنو ويو ته اهي اغوا ٿي ويا آهن.

ذريعا