القائده جو اهم اڳواڻ پاڪستان ۾ سوگهو، کيس وزيرستان مان گرفتار ڪيو ويو

وڪي اخبار کان

25 آڪٽوبر 2006

القائده جي هڪ اهم اڳواڻ محسن موسا کي افغانستان جي بارڊر ڀرسان وزيرستان مان گرفتار ڪيو ويو آهي.

پرڏيهي آفيس جي ذريعن مطابق چيو ويو آهي ته پاڪستان القائده جي اهم اڳواڻ کي گرفتار ڪيو جنهن کي آمريڪي ايمبسي تي حملن جو ذميوار ڄاڻايو ويو هو.

محسن موسا جي عمر 40 سال ٻڌائي وئي آهي ۽ ان جو تعلق مصر سان آهي. هن تي آمريڪا طرفان معلومات لاءِ 5 ملين ڊالر انعام رکيل هو.

ذريعا