القائده پاڪستاني علائقي وزيرستان ۾ سرگرم آهي، نيوز انٽرنيشنل

وڪي اخبار کان

دَ نيوز انٽرنيشنل جي هڪ رپورٽ مطابق القائده پاڪستاني علائقي وزيرستان ۾ سرگرم آهي ۽ اها افغانستان ۽ ٻين ملڪن ۾ اتان کان ڪاروايون ڪري ٿي.

رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته طاهر يودش نالي ازبڪ ان علائقي ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ڏئي رهيو آهي. علائقي ۾ سخت سيڪيورٽي باوجود انهن جون سرگرميون جاري آهن ۽ اتان جا انتهاپسند طاهر سان وفادار آهن.

رپورٽ مطابق سرڪار جي تازي ٺاهه کان پوءِ ڪيترائي انتهاپسند اڳواڻ لڪي ويا آهن. ٺاهه مطابق ٻاهريان ماڻهو جيڪڏهن امن سان رهندا ته اهي پاڪستان ۾ مهمان ليکيا ويندا.

ذريعا