القائده ۽ طالبان پاڪستاني علائقي اتر وزيرستان ۾ کليل نموني سرگرم آهن، برٽش جوائنٽ انٽيليجينس ڪاميٽي

وڪي اخبار کان

30 نومبر 2006

برٽش جوائنٽ انٽيليجينس ڪاميٽي جي ذريعن دعوا ڪئي آهي ته القائده ۽ طالبان پاڪستاني علائقي اتر وزيرستان ۾ کليل نموني سان پنهنجون سرگرميون ڪري رهيا آهن.

اتر وزيرستان اهو علائقو آهي جتي سيپٽمبر ۾ پاڪستاني سرڪار ۽ قبائلين وچ ۾ هڪ امن معاهدو ٿيو هو. ذريعن مطابق باجوڙ ۾ ٿيل حملي جي نتيجي ۾ انهن سرگرمين کي نئين هٿي ملي آهي.

ذريعن دعوا ڪئي آهي ته پاڪستاني علائقن اتر وزيرستان، باجوڙ، دير ۽ ٻين علائقن ۾ طالبان طرفان افغانستان ۾ جهاد لاءِ ڀرتيون ٿي رهيون آهن.

پاڪستاني ويڙهاڪن باجوڙ جي علائقي کار ۾ ڀرتي مرڪز قائم ڪري ڇڏيا آهن جتي نيٽو ۽ آمريڪي فوجن تي خودڪش حملن ۽ ويڙهه لاءِ مجاهد ڀرتي ڪيا پيا وڃن.

ذريعا