انصاف جي عالمي عدالت ۾ بلوچستان جو ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ گرانڊ جرڳي پاران ڪائونسل قائم

وڪي اخبار کان

بلوچستان ۾ ٻيو ڀيرو ٿيل گرانڊ جرڳي ذريعي فيصلو ڪيو ويو آهي ته بلوچستان جو ڪيس انصاف جي عالمي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو. جرڳي جي صدارت خان آف قلات مير سليمان دائود ڪئي. ذريعن موجب جرڳي ۾ عالمي عدالت ۾ ڪيس پيش ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي پڻ جوڙي ويئي آهي.

ياد رهي ته نواب اڪبر بگٽي کي 26 آگسٽ تي هڪ فوجي آپريشن ذريعي ڪوهلو ڀرسان قتل ڪيو ويو هو ان کان پوءِ خان آف قلات جي صدارت ۾ بلوچستان، سنڌ ۽ پنجاب جي بلوچ سردارن هڪ جرڳو ڪيو هو جنهن ۾ اڪبر بگٽي کي مارڻ واري واقعي جي شديد مذمت ڪئي ويئي هئي ۽ اعلان ڪيو ويو هو ته انصاف لاءِ عالمي عدالت ۾ بلوچستان سان ٿيندڙ زيادتين خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

تازو ٿيل جرڳي ۾ اعلان ڪيو ويو آهي ته انصاف جي عالمي عدالت ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويندو ته پاڪستان 1947ع ۾ بلوچستان سان جيڪو معاهدو ڪري ملڪ ۾ شامل ڪيو هو ان تي ڪڏهن به عمل نه ڪيو ويو آهي. اهڙي حق جي حاصلات لاءِ ڪائونسل جوڙي ڪيس انصاف جي عالمي عدالت ڏانهن نيئو ويندو.

ذريعا

Baloch leaders form council to approach ICJ against Pakistan