انڊونيشيا پاران عراق ۾ امن فوج موڪلڻ جو ارادو ظاهر، ٻين مسلم ملڪن کي پڻ شامل ٿيڻ گهرجي: انڊونيشيا

وڪي اخبار کان

22 نومبر 2006

انڊونيشيا جي پرڏيهي وزير حسن ورجدا چيو آهي ته هو عراق ڏانهن امن فوج موڪلڻ لاءِ تيار آهن ۽ مسلمان ملڪن کي پڻ ان سلسلي ۾ اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي.

هن صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته انڊونيشيا جي صدر پڻ آمريڪي صدر بش کي اهڙي صلاح ڏني هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن موقعو مليو ته عراق ڏانهن امن فوج موڪلينداسين.

ذريعا