انڊونيشيا ۾ ٻيڙي اونڌي ٿيڻ سبب 11 ماڻهو فوت، فوتين ۾ عورتون ۽ هڪ ٻار شامل

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

انڊونيشا جي علائقي اوڀر جاوا ۾ هڪ ٻيڙي ٻڏڻ جي نتيجي ۾ ڪجهه عورتن ۽ اٺن مهينن جي هڪ ٻار سميت 11 ڄڻا ٻڏي فوت ٿي ويا آهن.

ٻيڙيءَ ۾ گنجائش کان وڌيڪ ماڻهو سوار هئا جنهنڪري اهو حادثو پيش آيو، ذريعن مطابق اهو حادثو جڪارتا کان 500 ڪلوميٽر اوڀر طرف ٻن ٻيٽن وچ ۾ ٿيو، چيو ويو آهي ته 10 ماڻهن کي بچايو ويو آهي انهن ۾ هڪ ستن سالن جو ڇوڪرو پڻ شامل آهي.

ذريعا