انڊيا پاران پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ جو ايجنٽ گرفتار ڪرڻ جي دعوا

وڪي اخبار کان
فائل:Isiagent.jpg
گرفتار شخص، خالد پرويز

پٺاڻ ڪوٽ انڊيا ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن جي باري ۾ چيو ويو آهي ته اهو پاڪستاني ايجنسي آءِ ايس آءِ جو ايجنٽ آهي ۽ پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ٿيل ڪرڪيٽ ميچن دوران لاپته ٿي ويو هو.

پوليس جي ذريعن مطابق گرفتار همراهه خالد پرويز پوليس اڳيان انڪشاف ڪيو آهي ته هو آءِ ايس آءِ جو ايجنٽ آهي کيس پاڪستاني فوج ٻن مهينن تائين ٽريننگ ڏني، هن کي موڪلڻ جو مقصد انڊين فوج جي جاسوسي ڪرڻ هو.

پوليس جي دعوا مطابق کين خالد پرويز وٽان هڪ ڊائري، ڪجهه ڪاغذ، ڪيمرا ۽ حساس جاين جا فوٽو پڻ هٿ آيا آهن. وڌيڪ چيو ويو آهي ته هو انٽرنيٽ ڪيفيز تان اي ميل ذريعي پاڪستان کي معلومات موڪليندو هو.

ذريعا