انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ ٻيهر ڳالهيون 13 نومبر کان شروع ٿينديون

وڪي اخبار کان

انڊيا جي وزارت خارجه مطابق انڊيا ۽ پاڪستان وچ ۾ بمبئي ريل بم ڌماڪن کان پوءِ ملتوي ٿيل ڳالهيون 13 نومبر تي ٻيهر شروع ٿينديون.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني خارجه سيڪريٽري رياض احمد خان پنهنجي انڊين هم منصب شنڪر مينن سان 13 نومبر تي ملاقات ڪندو ۽ اهي ڳالهيون ٽن ڏينهن تائين جاري رهنديون.

ياد رهي ته بمبئي بم ڌماڪن کان پوءِ اهي ڳالهيون ملتوي ٿيون هيون ۽ انڊيا پاڪستان تي انهن ڌماڪن ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳايو هو.

ذريعا