انڊيا ۾ ٻارن کان پورهيو نٿو وٺي سگهجي، نئون قانون

وڪي اخبار کان

انڊيا ۾ ٻارن جي گهرن ۾ پورهئي کي غيرقانوني قرار ڏئي بندش هيٺ آندو ويو آهي. ان قانون جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ٻه سال قيد ۽ ڏنڊ جي سزا رکي وئي آهي.

حڪومت مطابق اُتي ڏهه لک کان مٿي تعداد ۾ ٻار گهرن ۾ پورهيو ڪن ٿا. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته وچولي طبقي جا ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ ٻارن کي نوڪر طور رکن ٿا ۽ کانئن ڪيترائي ڪم وٺن ٿا، ان کان علاوه ٻار هوٽلن تي پڻ ڪم ڪن ٿا.

ياد رهي ته انڊيا جي قانون مطابق قالين ۽ تعميرات جي شعبن ۾ اڳ ئي ٻارن جي پورهئي تي بندش پيل آهي ۽ هاڻ ان ۾ ٻارن جو گهرن ۾ پورهيو پڻ غيرقانوني قرار ڏنو ويو آهي.

ذريعا

’بھارتی بچہ گھریلو ملازم نہیں بنےگا‘