ايران ايٽمي پروگرام جاري رکيو ته حملو اسان لاءِ آخري چونڊ هوندو، اسرائيل

وڪي اخبار کان

11 نومبر 2006

اسرائيل جي نائب وزيردفاع ان ڳالهه جو اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن ايران ايٽمي پروگرام تي ڪم بند نه ڪيو ته اسان لاءِ آخري چونڊ ايران تي حملو هوندي.

اسرائيلي نائب وزيردفاع افراهيم صنيه هڪ اسرائيلي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته هو اهڙي ڪاروائي جي حمايت نٿو ڪري پر مجبوري طور اسرائيل وٽ ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه بچندو.

ياد رهي ته اقوام متحده ايران کي يورينيم صاف ڪرڻ کان جهليندو رهيو آهي جڏهن ته ايران اهڙي ڪنهن به حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

ذريعا