ايران جو فوجي ايئرڪرافٽ حادثي جو شڪار، 38 ماڻهو مارجي ويا

وڪي اخبار کان

27 نومبر 2006

هڪ ايراني فوجي ائيرڪرافٽ جي حادثي سبب ان ۾ سوار ٽن ڄڻ جي عملي کان علاوه 35 گارڊز فوت ٿي ويا آهن. چيو ويو آهي ته جهاز تهران جي ايئرپورٽ تان اڏاڻو هو.

سرڪاري ذريعن مطابق اڏام کان ٿوري دير پوءِ ئي طيارو تباه ٿي ويو. اڃا تائين تباهي جا سبب واضع نه ٿي سگهيا آهن.

ذريعن مطابق فوتين جي اصل تعداد جي باري ۾ ڪي به تصيديق شده اطلاع نه آهن. اها خبر ايران جي هڪ ٽي وي چينل جي حوالي سان ڏني وئي آهي.

ذريعا