ايران طرفان شهاب 3 جو ميزائل تجربو، ميزائل وار هيڊ کڻڻ جي قابل

وڪي اخبار کان

2 نومبر 2006

ايراني ٽي وي مطابق ايران شهاب 3 ميزائل جو تجربو ڪري ورتو آهي ان ڏس ۾ ڪيترائي ميزائل تجرباتي طور فائر پڻ ڪيا ويا آهن.

چيو ويو آهي ته ميزائل وار هيڊ کڻڻ جي قابل آهن ۽ انهن جي مار 2 هزار ڪلوميٽرن تائين آهي. سرڪاري ذريعن مطابق انهن تجربن جو مقصد ايران کي ملندڙ ڌمڪيون آهن. ان ڪري پنهنجي تحفظ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.

ذريعا