ايل ڪي آڏواڻي کي پاڪستان اچڻ جي دعوت، تاريخ طئي نه ٿي

وڪي اخبار کان

انڊيا جي سابقه نائب وزيراعظم لال ڪرشنا آڏواڻيءَ کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني وئي آهي. پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عزيز احمد خان اهڙي دعوت آڏواڻيءَ کي ڏني. ان دعوت جي ڪابه تاريخ نه ٻڌائي وئي آهي.

لال ڪرشنا آڏواڻيءَ جي ويجهن ذريعن مطابق ان دوري جي دعوت لاءِ ڪابه تاريخ نه ڏني وئي آهي، جڏهن ته آڏواڻي اهڙو دورو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

اهڙي ئي دعوت آڏواڻيءَ کي پاڪستاني وزير خارجه خورشيد محمود قصوري اڳ ئي ڏئي چڪو آهي، جڏهن هو ساڻس گذريل مهيني مليو هو.

ذريعا