ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي جي زمينن تي قبضي جي نئين سازش

وڪي اخبار کان

Cautionهن خبر ۾ هڪ ذريعو يا حوالو استعمال ڪيو ويو آهي پر خبر جي ائڊريس عوامي آواز مان نه ڏني وئي آهي، مهرباني ڪري اها شامل ڪئي وڃي. هي خبر ان ڪري تڪراري آهي ڇاڪاڻ ته سڄي جي سڄي ڪاپي ڪري پيسٽ ڪئي وئي آهي، اوهان حوالا ته ڏئي سگهو ٿا پر ٻئي ڪنهن جي مڪمل خبر نٿا کڻي سگهو. خبر هميشه پنهنجن لفظن ۽ جملن ۾ لکڻ گهرجي.


ڪراچي شهري سرڪار شهر جي سمورن 18 ٽائونز مان شهر جي زرعي، غيرزرعي زمينن، ڪمرشل، نان ڪمرشل، صنعتي ۽ رهائشي پلاٽن جو سمورو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي، جنهن تي سنڌ جي بورڊ آف روينيو سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي وڏي وزير کي سعودي عرب ۾ اهڙو اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ انتهائي ذميوار ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪالهه اي ڊي او روينيو ڪراچي فون ذريعي شهر جي 18 ٽائونز جي ڊي ڊي او روينيو کي حڪم ڏنو ته اهي پاڪستان جي قيام کان اڳ ۽ پوءِ مختلف مقصدن لاءِ الاٽ ڪيل زمينن جو سمورو رڪارڊ سندس آفيس ۾ فوري طور تي کڻي پهچن، جيڪو عيد جي ٻئي ڏينهن انهن کي واپس ڪيو ويندو، انهن کي اها به هدايت ڪئي وئي هئي ته اهو ڪم”انتهائي رازداري“سان ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت بدران شهري حڪومت جي هدايتن تي عمل ڪيو وڃي.

ذريعن موجب ڊي ڊي اوز کي اها به ڌمڪي ڏني وئي ته انهن جيڪڏهن شهري حڪومت جي هدايتن تي عمل نه ڪيو ته سٽي ناظم سندن خدمتون واپس سنڌ حڪو مت حوالي ڪندو، ذريعن موجب انهن هدايتن کانپوءِ ڪجهه ٽائونز جي ڊي ڊي اوز ڪجهه رڪارڊ شهري حڪومت حوالي ڪري ڇڏيو آهي، اهڙو اطلاع جڏهن بورڊ آف روينيو کي مليو ته بورڊ جي ذميوار عملدارن شهري سرڪار سان رابطو ڪري پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن تي کين ٻڌايو ويو ته اها ڪارروائي سٽي ناظم جي هدايتن تي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد بورڊ آف روينيو جي عملدارن وڏي وزير ارباب غلام رحيم کي سعودي عرب ۾ اهڙو اطلاع ڏئي ڇڏيو آهي.

هوڏانهن اهي به اطلاع آهن ته ڪجهه ڊي ڊي اوز رڪارڊ شهري سرڪار حوالي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن تي انهن کي مختلف قسمن جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون،ان سلسلي ۾ بورڊ آف روينيو خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڪراچي جي زمينن جو رڪارڊ انتهائي اهم آهي، وڏي وزير جي غير موجودگي ۾ سندس مرضي کانسواءِ ڪجهه ڳوهه ۾ رڪارڊ تي قبضي مان محسوس ٿي رهيو آهي ته ان رڪارڊ کي ضايع ڪيو ويندو يا وري ان ۾ ڪا وڏي هيرڦير ڪئي ويندي.

ذريعا