اين ايف سي ايوارڊ تي بلوچستان ۽ سنڌ متفق آهن جڏهن ته پنجاب ۽ سرحد کي اختلاف آهن، ارباب رحيم

وڪي اخبار کان

2 ڊسمبر 2006

سنڌ جي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم چيو آهي ته اين ايف سي ايوارڊ تي سنڌ ۽ بلوچستان متفق ٿي چڪا آهن پر پنجاب ۽ سرحد کي اختلاف آهن.

صحت بابت اجلاس دوران هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت ۾ هڪٻئي جي اختلافن لاءِ سهپ وارو رويو هجڻ گهرجي. حزب مخالف کي هارايل اليڪشنن جا نتيجا قبولڻ جو رواج وجهڻ گهرجي جيئن انهن ضمني چونڊن دوران کٽڻ وقت نتيجا قبول ڪيا آهن.

ارباب رحيم وڌيڪ چيو ته ضلعي جي سڀني اسپتالن کي اپ گريڊ ڪيو ويندو ۽ ڊاڪٽرن جي مقرري پڻ ميرٽ جي بنيادن ڪئي ويندي.

ذريعا