ايٿوپيا صوماليه ۾ اسلامي انتهاپسندن خلاف ڪاروائي لاءِ پنهنجو فوجون اندر موڪلي ڇڏيون

وڪي اخبار کان

25 ڊسمبر 2006

ايٿوپيا سرڪاري طور تي تصديق ڪئي آهي ته سندن فوجون صوماليه جي اندر اسلامي انتهاپسندن خلاف ڪاروائيون ڪري رهيون آهن ۽ ملڪ جو اڪثر علائقو سندن ڪنٽرول ۾ آهي.

ايٿوپيا جي وزير اطلاعات مطابق اسلامڪ ڪورٽس يونين خلاف ڪاروائي ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته ان کان اڳ ايٿوپيا چوندو رهيو آهي ته انهن صرف فوجي ٽرينرز موڪليا آهن.

ٻئي طرف مذڪوره انتهاپسند تنظيم مطابق اهي حڪومت سان گڏجي ايٿوپيا جي فوج کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هڪ اپيل ۾ غير مذهبي جنگجوئن کي پڻ ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

ذريعا