ايڪيهين صدي جي امن جو دارومدار افغانستان ۾ هلندڙ دهشتگردن خلاف جنگ تي آهي، برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر

وڪي اخبار کان
برطانوي وزيراعظم ٽوني بليئر

20 نومبر 2006

برطانيه جي وزيراعظم ٽوني بليئر چيو آهي ته ايڪيهين صدي جي امن جو دارومدار افغانستان جي صحرا ۾ هلندڙ دهشتگردن خلاف جنگ تي آهي. هن اها ڳالهه افغانستان ۾ حامد ڪارزئي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪئي.

هن چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان ۾ طالبان جو خاتمو سموري دنيا جي مفاد ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته طالبان کي شڪست ڏيڻ سموري دنيا لاءِ اهم بڻجي ويو آهي ڇاڪاڻ ته ٻي صورت ۾ دهشتگرد ان کي پنهنجي فتح قرار ڏيندا.

ٽوني بليئر وڌيڪ چيو ته نيٽو فوج افغانستان ۾ امن جي مڪمل بحالي تائين رهندي.

ذريعا