اي آر ڊي باجوڙ ايجنسي مدرسي تي فوجي ڪاروائي بابت بحث لاءِ رٿ جمع ڪرائي ڇڏي

وڪي اخبار کان

1 نومبر 2006

اي آر ڊي ۽ متحده مجلس عمل جي اسيمبلي ميمبرن باجوڙ واقعي بابت بحث لاءِ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ رٿ جمع ڪرائي ڇڏي آهي.

هڪ رٿ اي آر ڊي جي 12 ڄڻن جي صحيح سان جمع ڪرائي وئي جڏهن ته ٻي متحده مجلس عمل جي 23 ڄڻن جي صحيح سان جمع ٿي. ايم ايم اي چيو آهي ته باجوڙ واقعي ۾ مارجي ويل اڪثر ٻار هئا جن جون عمريون 10 کان 15 سال هيون.

اي آر ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته مذڪوره هوائي حملو هڪ وحشي ڪاروائي هئي جنهن ۾ پاڪستاني مسلمانن جو قتل عام ڪيو ويو.

ذريعا