اي ڪيو مغل زرعي يونيورسٽي جو وي سي مقرر

وڪي اخبار کان
اي ڪيو مغل سنڌ زرعي يونيورسٽي جو نئون وي سي مقرر...زبير زرار منگي..

سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي تڪراري وائيس چانسلر ڊاڪٽر بشير احمد شيخ کي هٽايو ويو آهي ۽ ڊاڪٽر اي ڪيو مغل کي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جو نئون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي. سنڌ جي مڙني يونيورسٽين جي چانسلرس ۽ سنڌ جي گورنر جي تعليم بابت صلاحڪار آفتاب لوڌيءَ ڪي ٽي اين نيوز کي ٻڌايو ته ڊاڪٽر بشير احمد شيخ، پنهنجي پوٽي جي علاج لاءِ ڀارت وڃڻ پئي چاهيو، ان لاءِ هن 4 مهينا موڪل جي درخواست ڏني هئي. هن چيو ته اهڙي درخواست کانپوءِ گورنر سنڌ، ڊاڪٽر اي ڪيو مغل کي سنڌ زرعي يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سندس باقاعده مقرريءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ جي ملازمن پاران وائيس چانسلر ڊاڪٽر بشير احمد شيخ خلاف هلندڙ هڙتال جاري رهي. ملازمن جي اڳواڻ حسين بخش وِيسر چيو ته هو هٽايل وائيس چانسلر خلاف تحقيقات واري مطالبي تي قائم آهن. هن چيو ته هٽايل وي سي سنڌ جي هن قومي اداري کي برباد ڪيو آهي.