اُتر ڪوريا جي ڪميونسٽ حڪومت پاران ايٽمي تجربو ڪاميابي سان ڪرڻ جو اعلان

وڪي اخبار کان

اُتر ڪوريا جي حڪومت پهريون ڀيرو زمين هيٺ ايٽمي تجربو ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. انهن هن کي اُتر ڪوريا لاءِ تاريخي ڪاميابي قرار ڏنو آهي.

ذريعن مطابق ڏکڻ ڪوريا جي صدر پنهنجي فوج کي ايٽمي تجربي بعد تيار رهڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڏکڻ ڪوريا پڻ اها نشاندهي ڪئي آهي ته اُتر ڪوريا جي صوبي ”حيم ينگ“ ۾ اهو تجربو ڪيو ويو.

چين اُتر ڪوريا جي ان تجربي جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته جاپان خاص ٽاسڪ فورس پڻ جوڙي ورتو آهي.

ياد رهي ته اُتر ڪوريا گذريل هفتي ايٽمي ڌماڪو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي جنهن کي هاڻ عملي جامو پهرايو ويو.

ذريعا

N. Korea claims nuclear test success