اٽلي ۾ القائده جي مدد جي ڏوه ۾ پنج پاڪستاني سوگها، وٽائن 20 لک يورو هٿ آيا

وڪي اخبار کان

10 نومبر 2006

اٽلي جي شهر ميلان ۾ چار ڀائرن سميت پنج ڄڻن کي القائده جي مالي مدد، مني لانڊرنگ ۽ منشيات جي اسمگلنگ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، انهن وٽان ويهه لک يورو پڻ هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي.

گرفتار ٿيلن ۾ پنجاب جي شهر منڊي بهاوالدين جا چار ڀائر پڻ شامل آهن. پوليس ذريعن موجب کين ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن کين معلومات ملي ته انهن ماڻهن جا پيرس ۽ جرمني جي القائده اڳواڻن سان رابطه آهن.

پوليس ذريعن مطابق انهيءَ ٽولي جي اڳواڻي پرويز نالي همراه ڪري رهيو هو. ٻئي طرف اٽلي ۾ موجود پاڪستاني ايمبيسي اٽلي جي اختيارين کان گرفتار پاڪستانين بابت معلومات گهري ورتي آهي.

ذريعا