اٽي جي اگهن ۾ اضافو

وڪي اخبار کان

سرڪار پاران اٽي جي اگهن ۾ اضافو..رپورٽ: زبير زرار منگي..


وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز تي اٽي جـِي هڪ سئو ڪلو راي ٻوري تي 4 سئو رپيا ۽ 10 ڪلو واري ٿيلهي تي 40 رپيا واڌ ڪري ڇڏي آهي. وفاقي حڪومت اٽي جي اگهه ۾ واڌ وارو ليٽر جاري ڪندي يوٽلٽي اسٽورز جي اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته اٽي جي اڍائي مڻ واري ٻوري 4 سئو رپيا ۽ 10 ڪلو واري ٿيلهي جي اگهه ۾ 40 رپيا واڌ ڪئي وڃي. يوٽيلٽي اسٽورز جي ريجنل مئنيجر ڪمال مصطفيٰ تصديق ڪندي ٻڌايو آهي ته وفاقي حڪومت پاران اٽي جي اگهه ۾ واڌ وارو ليٽر جاري ڪيو آهي، جنهن بعد سمورن اسٽورز جي اختيارين کي آگاهه ڪيو ويو آهي. انڊسٽريز بابت وزير اعظم جي صلاحڪار منظور وٽو چيو آهي ته جيڪڏهن قاف ليگ پيپلز پارٽي ۽ حڪومت جي حمايت ڪري ته کين وفاقي ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ تي غور ڪري سگهجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وٽو چيو ته مرڪزي حڪومت پنجاب ۾ نواز ليگ کي ڪمزور نه پئي ڪري، پيپلز پارٽي جي قيادت سياسي استحڪام ۽ جمهوريت جي مضبوطي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته سياسي پارٽين جو ڪمزور ٿيڻ ۽ انهن وچ ۾ جهيڙا ٿيڻ نه صرف جمهوريت پر ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو. هن چيو ته عام ماڻهن پاران بنيادي استعمال ٿيندڙ شين جي اگهن ۾ واڌ واري عمل جو نوٽيس ورتو ويو آهي ۽ گيهه ۽ اٽي جي اگهن ۾ جلد گهٽتائي آندي ويندي.