اڄ شڪارپور ۾ ضمني چونڊ، پ پ پ ۽ مسلم ليگ (ق) وچ ۾ سخت مقابلي جا امڪان

وڪي اخبار کان

15 نومبر 2006

اڄ شڪارپور ۾ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 11 تي ضمني چونڊون ٿينديون. ان سيٽ تي مسلم ليگ ق جي اميدوار مقبول شيخ ۽ پ پ پ جي آغا تيمور پٺاڻ وچ ۾ مقابلو آهي.

ذريعن مطابق ان تڪ جي ووٽرن جو رجسٽرڊ تعداد 18400 آهي. ياد رهي ته اها سيٽ پ پ پ جي آغا طارق پٺاڻ جي وفات کان پوءِ خالي ٿي هئي.

خبرن مطابق مسلم ليگ ق جي اميدوار کي مسلم ليگ ف، جمعيت علما اسلام ف ۽ ايم ڪيو ايم جي حمايت حاصل آهي. تڪ تي سخت مقابلي ٿيڻ جا امڪان آهن.

ذريعا