اڪثر پاڪستان جا علائقا بجلي بند ٿيڻ سبب اوندهه ۾ ٻڏي ويا، تخريب ڪاري نه ٿي آهي، سرڪاري ذريعا

وڪي اخبار کان

پاڪستان جي اڪثريتي علائقن جي بجلي بند ٿيڻ سبب علائقا اوندهه ۾ ٻڏي ويا، چيو پيو وڃي ته ان ۾ ڪنهن به تخريبڪاري جو ڪو به هٿ نه آهي. سڀ کان پهريان اسلام آباد ۽ پنجاب جي ڪجهه ٻين علائقن جي بجلي بحال ڪئي ويئي.

بجلي منجهند جو لڳ ڀڳ ٻين بجي ڌاري بند ٿي، اڃا تائين ڪافي علائقن جي بجلي بحال نه ٿي سگهي آهي. سرڪاري ذريعن مطابق فني خرابي سبب بجلي بند ٿي ويئي هئي ست کان اٺ ڪلاڪن ۾ سمورن علائقن ۾ بجلي بحال ٿي ويندي.

وزير اعظم بجلي جي بند ٿيڻ بابت تحقيقات جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ڪابه تخريب ڪاري نه ٿي آهي بجلي فني خرابي سبب بند ٿي آهي ۽ ايندڙ ست کان اٺ ڪلاڪن ۾ سمورن علائقن جي بجلي بحال ٿي ويندي.

ياد رهي ته بجلي بند ٿيڻ سبب سڄي پاڪستان ۾ مختلف قسمن جا افواهه گشت ڪندا رهيا جن ۾ مشرف جي حڪومت ختم ٿيڻ، نواز شريف ۽ بي نظير ڀٽو جي واپس اچڻ جهڙا افواهه پڻ شامل هئا.

ذريعا