اڻ ڄاتل هٿياربندن هٿان ڀارتي پوليس جو ڊي آءِ جي قتل، مائو نواز باغين تي شڪ

وڪي اخبار کان

23 آڪٽوبر 2006

ڀارتي رياست اڙيسا ۾ هٿياربند جي هٿان پوليس جو ڊي آءِ جي مارجي ويو، شڪ مائو نواز باغين تي ڏيکاريو ويو آهي.

خبر موجب حمله آورن پوليس آفيسر تي ٻه گوليون هلايون، جنهن مان هڪ سندس مٿي ۾ لڳي جنهن سبب هو فوت ٿي ويو.

پوليس ذريعن مطابق ان وقت مقتول آفيسر پدم پورا نالي پوليس اسٽيشن جي دوري تي وڃي رهيو هو جو مٿس حملو ڪيو ويو.

ذريعا