بئنڪاڪ ۾ بم ڌماڪو ٻه ماڻهو مارجي ويا، ويهن کان مٿي ماڻهو زخمي

وڪي اخبار کان

1 جنوري 2007

ٿائيلينڊ جي شهر بئنڪاڪ ۾ بم ڌماڪن سبب ٻه ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته ويهن کان مٿي ماڻهو زخمي پڻ ٿيا آهن.

پوليس مطابق اهي ننڍا ننڍا ڌماڪا مختلف هنڌن تي ٿيا. اهي سمورا ڌماڪا لڳ ڀڳ اڌ ڪلاڪ جي وقت اندر ٿيا.

ٻئي طرف پوليس ماڻهن کي هدايت ڪئي آهي ته نئين سال ملهائڻ وقت ضروري آهي ته احتياط کان ڪم ورتو وڃي.

ذريعا