بئنڪاڪ ۾ مسلمان ويڙهاڪن هٿان هڪ ٻڌسٽ مارجي ويو، ٽن ڏينهن ۾ ٽي ماڻهو قتل ٿيا

وڪي اخبار کان

19 نومبر 2006

بئنڪاڪ ۾ مسلمان ويڙهاڪن هٿان هڪ ٻڌسٽ مارجي ويو آهي، ٽن ڏينهن اندر اهو ٽيون قتل ٿيو آهي. مقامي پوليس جي ذريعن اهڙي وارتا کي ظاهر ڪيو.

هڪ پوليس آفيسر چيو ته مون هن کي اڳ ئي خبردار ڪيو هو ته تنهنجي خاندان کي خطرو آهي اتان نڪري وڃ ڇاڪاڻ ته اهو ڳوٺ ٿائي مسلمانن جي قبضي ۾ آهي.

ذريعن مطابق اڄ تائين اهڙن قتلن جي ذميواري ڪنهن به قبول نه ڪئي آهي. چيو ويو آهي ته ٽن سالن ۾ تقريبن 1800 ماڻهو مارجي چڪا آهن.

ذريعا