باجوڙ ايجنسيءَ ۾ پاڪستاني فوج آپريشن ڪيو، اسان ذميوار ناهيون: آمريڪا

وڪي اخبار کان

Cautionهي خبر حوالن کان بغير آهي جنهنڪري اها تڪراري ليکبي، خبر جا ذريعا يا حوالا لکي هي نوٽيس ختم ڪري سگهجي ٿو.


آمريڪا باجوڙ ايجنسي ۾ مدرسي تي حملي کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ان ڪارروائيءَ جو ذميوار آمريڪا ناهي. آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان سين ڪارمڪ واشنگٽن ۾ هڪ پريس بريفنگ دوران پاڪستان جي مذهبي تنظيمن پاران لڳايل الزامن جي سوال تي چيو ته مدرسي تي حملي جو ذميوار آمريڪا ناهي.

اسان ان معاملي تي پاڪستان سرڪار سان رابطي ۾ آهيون ۽ في الحال ان ڪارروائيءَ بابت ڪجهه به نه ٿو ٻڌائي سگهجي. هن چيو ته اسان ڪارروائيءَ بابت معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هوڏانهن ڪابل ۾ آمريڪي فوج جي ترجمان ميٽ هيڪاتون صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته باجوڙ ايجنسيءَ ۾ ڪارروائي پاڪستاني فوج ڪئي آهي.

ان ۾ آمريڪا جو ڪو به ڪردار ناهي. هن چيو ته کيس خبر ناهي ته باجوڙ آپريشن ۾ آمريڪي فوج جو ڪردار آهي. هن چيو ته آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ کي به ڪارروائيءَ بابت ڪا ڄاڻ ناهي. هن چيو ته باجوڙ آپريشن پاڪستاني فوج ڪيو هو. ٻئي طرف آمريڪي ڪانگريس پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته وزيرستان ۾ پاڪستان سرڪار پاران ڪيل ٺاهه کانپوءِ پاڪ افغان سرحد تي طالبان جون سرگرميون وڌي ويون آهن ۽ امن ٺاهه باوجود مسئلا حل نه ٿيا آهن.

ڪانگريشنل ريسرچ سروس (سي آر ايس) جي رپورٽ موجب آمريڪي عملدار اڃا ٺاهه جي نتيجي جو انتظار ڪري رهيا آهن ۽ ويڙهاڪ پنهنجا واعدا پاڙڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.