باجوڙ ايجنسي تي حملو پاڪستاني فوج نه بلڪه آمريڪي فوج ڪيو آهي، قاضي حسين احمد

وڪي اخبار کان

30 آڪٽوبر 2006

جماعت اسلامي ۽ ايم ايم اي جي سربراه قاضي حسين احمد چيو آهي ته باجوڙ ايجنسي ۾ مدرسي تي حملو پاڪستان جي فوج نه بلڪه آمريڪي فوج ڪيو آهي.

قاضي حسين احمد واقعي کي وحشي ڪاروائي سڏيندي چيو ته حملي جو مقصد ان معاهدي کي روڪڻ هو جيڪو حڪومت ۽ قبائلين وچ ۾ ٿيڻو هو. هن دعوا ڪئي ته حملي ۾ مارجي ويلن ۾ ٻار پڻ شامل هئا.

ذريعا