باجوڙ ايجنسي ۾ فوج پاران 80 ماڻهو مارڻ خلاف اڱاري تي احتجاج جو اعلان

وڪي اخبار کان

30 آڪٽوبر 2006

مذهبي پارٽين باجوڙ ايجنسي ۾ اسي ماڻهن جي مارجي وڃڻ واري واقعي تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي اڱاري تي احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

ايم ايم اي جي سربراه قاضي حسين احمد ان واقعي جي شديد مذمت ڪندي اڱاري ڏينهن احتجاج ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. قاضي حسين احمد چيو ته مرڻ وارن ۾ ٽيهه ٻار پڻ شامل آهن. اڪثر مارجي ويلن جي عمر 15 سالن تائين هئي جڏهن ته 25 سال کان وڌ ڪنهن جي به عمر نه هئي. اُتي ڪي به پرڏيهي نه هئا.

قاضي پاڪستاني فوجي جنرلن کي بزدل سڏيندي چيو ته اهو حملو امن معاهدي جي ردعمل ۾ آمريڪا ڪرايو آهي.

ان واقعي تي ردعمل ظاهر ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته وزيرستان ۽ باجوڙ ايجنسي ۾ ٿيندڙ آپريشن يڪدم بند ڪيا وڃن.

ذريعا