باجوڙ مدرسي تي آمريڪا حملو ڪيو هو، سنڊي ٽائيمز حڪومت جي دعوا کي رد ڪري ڇڏيو

وڪي اخبار کان

27 نومبر 2006

برٽش اخبار سنڊي ٽائيمز لکيو آهي ته باجوڙ مدرسي تي آمريڪا حملو ڪيو هو، پاڪستاني سرڪار جي دعوا درست نه آهي ته انهن پاڻ اها ڪاروائي ڪئي.

ياد رهي ته باجوڙ ۾ مدرسي تي حملي جي نتيجي ۾ 82 ماڻهو مارجي ويا هئا. اخبار جي صحافي ڪرسٽينا ليمب وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته کيس ڳجهن ذريعن وٽان ڄاڻ پئي آهي ته اهو حملو آمريڪي جهازن ڪيو هو.

اخبار مطابق اهو حملو القائده اڳواڻ ايمن الزواهري جي موجودگي جي خبر تي ڪيو ويو جنهن جي اڳواٽ پاڪستان کي ڪابه ڄاڻ نه ڏني وئي.

ذريعا