باجوڙ مدرسي تي حملو پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ڪيو، ميجر جنرل شوڪت سلطان

وڪي اخبار کان

31 آڪٽوبر 2006

پاڪستاني فوج جي ترجمان ميجر جنرل شوڪت سلطان چيو آهي ته باجوڙ ايجنسي جي مدرسي تي حملو آمريڪي يا اتحادي فوجن نه بلڪه پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز ڪيو آهي.

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي انٽيليجنس سان تعاون ضرور ڪيو ويو. جڏهن ته ان ڳالهه ۾ ڪابه صداقت نه آهي ته حملو آمريڪي يا اتحادي فوج ڪيو هو.

هوڏانهن ڪابل ۾ آمريڪي فوج جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪا، پاڪستان ۽ افغانستان پاڻ ۾ انٽيليجنس معلومات جي ڏي وٺ ڪندا رهيا آهن جيڪا هڪ عام ڳالهه آهي. باقي باجوڙ ۾ ٿيل حملي بابت اسان کي ڪابه ڄاڻ نه آهي.

آمريڪا جي هڪ ٻئي فوجي ترجمان چيو ته آمريڪي فوج ان حملي ۾ ڪنهن به قسم جي حصيداري نه ڪئي آهي. معلومات جي مٽاسٽا ضرور ٿيندي آهي پر ان حملي ۾ آمريڪا جا هٿيار توڙي جهاز ڪجهه به استعمال نه ٿيو آهي.

ذريعا